SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


هاڪاري امڪانن جو نظريو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


هاڪاري امڪانن جو نظريو

Prospect Theory PT:

پراسپيڪٽ ٿيئري

هي هڪ نفسياتي نظريو آهي، جيڪو ڪنهن به امڪاني خطري (Risk) کي ذهن ۾ رکندي، فيصلا سازيءَ واري عمل جو محرڪ بڻجي ٿو ۽ ان ڳالهه کي چٽو ڪري ٿو، ته ڪو به فيصلو ڪندي، فائدن سان گڏ نقصان به پلئه پئجي سگهن ٿا. اهڙي طرح فيصلي واري عمل ۾ نفسياتي وارتائن کي ٻين پهلوئن تي اهميت ڏئي ٿو. هن نظريي مطابق ڪو به فيصلو ڪندي، لاڳاپيل ڌُر کي ٻن مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو.
1. ڪنهن به صورتحال يا واقعي جو اهڙو تصور ۽ ادراڪ رکڻ، جيڪو ٻي لاڙي، نعم البدل ۽ پهلوءَ ڏانهن به اشارو ڪري.
2. ڪنهن به فيصلي بابت اهڙي ڪٿ، جنهن منجهان فيصلي ڪرڻ سان فائدن/ نقصانن جو مناسب اندازو ٿي سگهي.
هي نظريو ڪنهن به معاملي ۾ فائدن جي حصول تي وڌيڪ ڌيان ڏي ٿو، پر رڳو فائدا ئي فائدا حاصل ڪرڻ ۽ مفاد وڌائڻ واري رويي تي زور نٿو ڏي. 1970ع جي ڏهاڪي ۾ هن نظريي جي وڏن وڪيلن Kahneman ۽ Taversky ابتدا ۾ ان کي ”قدر جو نظريو“ (Value Theory) وارو نالو ڏنو، بعد ۾ اهو موجوده عُنوان تحت مشهور ٿيو


Remember Me Also:

جهٻير، جهٻير

اسم خاص. هڪ ذات جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal